اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته کنڊ جي قي??تن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي کي کنڊ جي وڪري تي ٽيڪس جي چوري، غيردستاويزي وڪري ۽ قي??تن ۾ اضافي جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ايف بي آر، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته شگر سيڪٽر ۾ سيلز ٽيڪس جي چوري جي خا??مي کي يقين?? بڻايو وڃي، ڪمند جي پيڙهائي جي مُند شروع ٿي رهي آهي، شگر ملز ۽ ڊيلرز کان جي ايس ٽي جي 100 سيڪڙو وصولي کي پڻ يقين?? بڻايو وڃي. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي شگر ملز ۾ ڪئميرائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان کنڊ جي ذخيره اندوزي نه ٿي سگهندي ۽ قي??تن ۾ توازن رهندو. بيان ?? چيو ويو آهي ته ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪيمرائن جي ذريعي شگر ملز جي پيداواري عمل ۽ ذخيره اندوزي تي نظر رکي ويندي، سيلز ٽيڪس جي ادائيگي يقين?? بڻائي ويندي ۽ کنڊ جي قي??تن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شگر سٽه مافيا جي خلاف پڻ سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان ?? چيو ويو آهي ته وزيراعظم اسٽيل، سگريٽ، سيمنٽ ۽ مشروبات سميت ٻين شعبن ۾ پڻ اهڙي طرح جي قدمن جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم پاران ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت، شگر ملز ۾ ڪئميرائون هڻڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada