قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف قاهره ۾ اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. 11هين ڊي – 8 سمٽ جي ٿيم ”نوجوان?? ۾ ??يڙپڪاري ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ: سڀا??ي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. وز??راعظم وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنا?? ۾ ??نساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وز??راعظم جي انڊونيشيا، ايران، ترڪيه ۽ مصر جي صدر ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي ??يف ايڊاوئيزر سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن. پاڪستاني وفد ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ شامل آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف قاهره ۾ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس