اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترق?? ۽ ??ڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، ان سان تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن موجوده ح??وم?? جي پنج ساله قومي اقتصادي منصوبي (29-2024ع) ” اُڏار پاڪستان“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. احسن اقبال اُڏار پاڪستان کي جٽادار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ ”انقلابي“ قدم قرار ڏيندي چيو ته هي قدم جيڪو سياسي ڇِڪتاڻ يا ڪنهن به سياسي لانگ مارچ کان پاسو ڪندي وڌ کان وڌ قومي اتحاد قائم ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا سان اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته ح??وم?? جي موجوده معاشي چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا هئا، پر ملڪ کي خوشحال ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل بنيادن تي ڊگهي مُدي واري رٿابندي جي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ح??وم?? پنهنجي گذريل دؤرن ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع ??ي شروعات ڪئي هئي پر سياسي عدم استحڪام سبب ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو پر هاڻ ح??وم?? هڪ ??ير?? ٻيهر پنج ساله منصوبو تيار ڪيو آهي جيڪو پائيدار اقتصادي ترقي جو بنياد ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اقتصادي منصوبي جا ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچايا ويندا ۽ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو.
اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil