پيرس- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس جي هڪ اعلي عدالت اسڪولن ۾ شاگردياڻين جي عبائي پائڻ تي پابندي کي برقرار رکندي مسلمان ??نظيم پاران ??اخل درخواست کي اڪلائي ڇڏيو، ميڊيا رپورٽن موجب فرانس جي حڪومت گذريل مهيني اسڪولن ۾ عبائي پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ چيو هو ته تعليمي ادارن ۾ عبائيو پائڻ سيڪولرازم جي اصولن جي خلاف ورزي آهي، فرانس ۾ مسلمان ??ورتن جي اسڪارف پائڻ تي اڳ ئي پابندي آهي ۽ ان ??مل کي مذهبي وابستگي طور ڏٺو ويندو آهي،فرانس ۾ مسلمانن جي نمائنده تنظيم اي??شن فار دي رائٽس آف مسلمز (اي ڊي ايم) اعلي ترين رياستي ڪونسل کي درخواست ڪئي هئي ته اها پابندي مت ڀيد تي مشتمل آهي ان کي ختم ڪيو وڃي جنهن تي عدالت ٻن ڏينهن جي ٻڌڻي کانپوءِ تنظيم جي دليل کي رد ڪندي ڪيو ته پابندي جو فيصلو فرانس جي قانون تي مشتمل آهي، واضع رهي ته فرانس جي اسڪولن سومر تي تعليمي سال جي پهرين ڏينهن ڪيترين ئي مسلمان ??اگردياڻين کي اعبايو لاهڻ کان ??نڪار ڪرڻ تي گهر موڪلي ڇڏيو هو ، سرڪاري انگن اکرن موجب فرانس ۾ 67 ملين آبادي جو اٽڪل 10 سيڪڙو حصو مسلمان ??هن.
اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين جي عبائي پائڻ تي پابندي جو فيصلو صحيح آهي: فرانسيسي عدالت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر