واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2020ع جي صدارتي چونڊن دوران رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ مگ شاٽ (ج??اب??ار طور تصوير) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر کي آزاد ڪيو ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون مو??عو آهي جڏهن ڪنهن اڳوڻي صدر جي جيل ۾ ج??اب??ارن سان گڏ تصوير ڪڍي وئي. فلٽن ڪائونٽي جيل طرفان جاري تفيصل موجب کيس قيدي نمبر پي او 1135809 نمبر ڏنو ويو. سندس جسماني معائنو به ڪيو ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري بعد ڊونلڊ ٽرمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو نيو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، نيو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن چيو ته هتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انصاف جو مذاق آهي، مو?? ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اهو ڄاڻي ٿو. ه?? پنهنجي خلاف ڪارروائي جي چونڊ مداخلت قرار ڏيندي چيو ته اسان قطئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو ??ق آهي جيڪو اسان جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان مو??عي تي اڳوڻي صدر صحافين جي سوالن جو ??واب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صدر تي فوجداري ڏوهن جو ??لزام ناهي لڳو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس مجموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا