برسلز -18 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي سربراهه ارسولاوان ڊيرليين چيو آهي ته غزه جي اسپتال تي ??يل حملي بابت حقيقتن کي فوري طو?? تي سامهون آندو وڃي. يورپي ڪميشن جي صدر يورپي يونين جي قانونسازن کي ٻڌايو ته ان حوالي سان ڪنهن کي به بهانا بڻائڻ جي ضرورت ناهي، حقيقتن کي جلد کان جلد سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان حملي اسپتال کي باهه جي گولي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ف??ت ٿي ويا. هن چيو ته سمورن ذميوارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن ان خوفناڪ دهشتگرد حملي جي مذمت پڻ ڪئي آهي. شهري آبادين کي پا??ي جي فراهمي ۽ خوراڪ کي بند ڪرڻ قانون جي اصولن مطابق ناهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا