رياض-06 جون (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ عراق جي نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد محمد حسين ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير ع??دا??له علي الحيي جي آجيان ڪئي . ايس پي اي موجب ملاقات ??وران ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار جي رخن کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي هم آهنگي کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير جي سياسي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري ڊاڪٽر سعود الساطي به موجود هيو .
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز