واشنگٽن -03 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن چيو آهي، ته اسرائيل جو وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو يرغمالين جي آزادي واري معاهدي لاءِ پنهنجون مڪمل ڪوششون ناهي ??ري رهيو. پرڏيهي ??يڊيا مطابق وائيٽ هائوس ۾ صحافين آمريڪا جي صدر کان سوال ڪيو ته ڇا اسرائيل جو وزيراعظم غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪافي ڪوششون ڪري رهيو آهي؟ ته صدر ??نڪ??ر ۾ جواب ڏنو. آمريڪا جي صدر وڌيڪ چيو ته ٽياڪڙ جنگ بندي معاهدي جي حوالي سان حتمي تجويزون پيش ڪرڻ جي گهڻو ويجهو آهن. واضح رهي ته آمريڪا، قطر ۽ مصر جي ٽياڪڙي سان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی