بيجنگ -29 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽر چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي ايم ايس اي) لين شي چيانگ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي، ته چين جيوڪوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان 30 آڪٽوبر جي صبح جو 4 لڳي 27 منٽ?? تي لانگ مارچ- ايف 2 ڪيريئر راڪيٽ ??ريعي انسان بردار خلائي مشن شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪندو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پو??ِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته خلائي مشن شينزو-18 ذريعي ويندڙ خلائي اسٽيش?? تي اڳ ئي موجود عملو 4 نو??بر تي ڪم مڪمل ڪرڻ کان پو??ِ ان مشن ذريعي چين جي ڊونگ فينگ لينڊنگ سائيٽ ??ي واپس ويندو. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي انسان بردار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم