والاريل بيت المقدس- 19 فيبروري (اي پي پي) فلسطين چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو کان ؛لائيسن يا اجازت وٺڻ؛ جي ض??ور?? ناهي. العربيه اردو مطابق فلسطين جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا سميت سمورا ملڪ فلسطيني ر??اس?? کي تسليم ڪري سگهن ٿا. اسان کي فلسطيني ر??اس?? کي تسليم ڪرائڻ ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي رڪنيت ڏيارڻ لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ض??ور?? ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بينجمن نيتن ياهو نه رڳو فلسطيني ر??اس?? قائم ڪرڻ کي رد ڪري چڪو آهي پر والاريل بيت المقدس سميت اولهندي ڪن??ري ۾ ي??ودي آبادڪاري کي واڌ ڏئي فلسطيني ر??اس?? جي امڪانن کي نقصان ڏئي رهيو آهي ۽ هو فلسطيني علائقن کي غزه کان مڪمل طور تي ڌار ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته فلسطين جي پرڏيهي وزارت جو اهو بيان اسرائيلي حڪومت طرفان فلسطيني ر??اس?? کي هڪ طرفي طور تسليم نه ڪرڻ جي اعلان بعد سامهون آيو آهي.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي: فلسطين
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری