تهران -27 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان مسلمان ملڪن تي زو?? ڀريو آهي، ته اهي اسرائيل جي غزه ۾ ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻ??. م??ڊيا مطابق سندس آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق هن اها اپيل ايران جي دوري تي آيل قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهين دوران ڪئي. مسعود پيز شڪيان چيو ته مسلمان رياستون ۽ اهي سمورا ملڪ جيڪي عالمي قانون ۽ فريم ورڪ جا پابند آهن، انهن کي اسرائيل جي حامين کي لغام ڏيندي غزه ۾ جاري اسرائيل جي بدترين ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. غزه ۾ جنگ بندي لاءِ قطر جي ڪوششن کي ساراهيندي هن چيو ته جي??ن ته غزه م سمورن عالمي قانونن ۽ ضابطن جون لاڳيتو ڀڃڪڙيون جاري آهن، پر انسا??ي حقن جي وڪالت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندر ملڪ به اسرائيلي جارحيت تي خاموش آهن.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری