نيويارڪ – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پشاور ۾ ا??ڪو?? جي ٻارن تي حملي، مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي ذميوارن ۽ سمجهوتا ايڪسپريس ۾ بيگناهه پاڪستانين جي شهادت کي ڪڏهن به نه وساريندو، ڪشمير جو مسئلو جيڪو گذريل 70 سالن کان انسانيت جي مٿي تي بدنما داغ آهي، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ منصوبابندي ۾ حمايت ڪري رهيو آهي، ڀارت سان بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پاڪستان پن??نجي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿو ڪري سگهي، علائقائي ملڪن سان گڏيل عزت ۽ احترام جي بنياد تي لاڳاپا بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني 73 هين ??جل??س کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 2 مهينا اڳ پاڪستان جي عوام جمهوري حق جو استعمال ڪندي معاملن ۽ گورننس ۾ بهتري جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي عوام هڪ اهڙي ملڪ لاءِ پن??نجي راءِ ڏني آهي جيڪو پراعتماد، دردمند ۽ امن پسند هجي.
ڪشمير مسئلو انسانيت جي مٿي تي داغ آهي: شاهه محمود قريشي جو گڏيل قومن ۾ خطاب
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش