اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائ?? وزيراعظم برا??ِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي ل??ڳا??ا سر دور عمر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاون، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي ??مي?? گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا ل??ڳا??ا آهن، هن ازبڪستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، وزيراعظم چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائ?? وزيراعظم ازبڪستان جي صدر طرفان وزيراعظم عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
وزيراعظم سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ