پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي پر بدقسمتي سان قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ڪنهن قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئ??، هو پشاور جي علائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ رهائشي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهي?? هو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ته سياحت سميت سمورا شعبا کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي حوالي سان مديني جي رياست جي مثال اسان جي سامهون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي رياست کي سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اهو ئي معاشر?? هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ قانون جي سامهون غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چيو ته هو ملڪ کي 2 بنيادي اصولن تحت اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هڪ قانون جي بالادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان سان گڏ ئي معاش??ي جي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ فليٽس جو منصوبو 2011ع کان ان لاءِ رڪيل هو ته اهو غريبن لاءِ بڻجي رهي?? هو، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جيتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترقي کي اوليت ڏيندي آهي ان لاءِ ان منصوبي کي پڄا??ي تائين پهچايو ويو آه??، هن چيو ته سندس ڌيان ڪمزور طبقي کي مٿي کڻڻ تي آهي ۽ هو ان حوالي سان ڪم کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي لاءِ سوچيو آهي، پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي آهي، پنج سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبقي کي اسان ڪيئن مٿي کنيو آهي، خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي ٻي مدت لاءِ ان لاءِ چونڊيو ته عالمي ادارن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو آه??، هن چيو ته اهي ڪرپٽ سياستدان جيڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آهي اهي ڏسي وٺن اسان جي ڪارنامن جي تصديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي، قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي وئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔