اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ناليواري سائنسدان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر ??بدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ائٽمي رياست بڻائڻ جي حوالي سان سندس اهم ڪردار جي لاءِ پوري قوم ڊاڪٽر ??بدالقدير خان سان محبت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خ??ن تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ??بدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائٽمي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته ڊاڪٽر ??بدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱڻ ?? دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪٽر ??بدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل