اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچس?? رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ٻيهر راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ?? اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران جڏهن پهريون ڀيرو مخالف ڌر پاران زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪيو ويو ته اسپيڪر حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي واري واري سان بيهاري حق ۽ مخالفت ۾ راءِ ورتي، حڪومت جي عددي اڪثريت 168 جڏهن ته مخالف ڌر جي 150 ميمبرن جي راءِ ??ام??ون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن تي ??رم??من دوران هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر اسپيڪر جي راءِ شماري چئلينج ڪئي جنهن تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي تحت ايوان جي راءِ جي حوالي سان اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چي?? ته اسپيڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخالف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اسپيڪر زباني راءِ شماري ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿو، مخالف ڌر پاران سيد نويد قمر، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين جڏهن ته حڪومت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد عمر، پرويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اسپيڪر چي?? ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخالف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هو ميمبرن کي واري واري سان بيهاري ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اسپيڪر جڏهن ٻيو ڀيرو مخالف ڌر جي ??رم??من تي حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي پنهنجي چي??برز مان ٻيهر ايوان ?? ٿيندڙ راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اچڻو پيو، ٻيو ڀيرو ٿيندڙ راءِ شماري ۾ به مخالف ڌر جا 146 ووٽن جي مقابلي ۾ حڪومت جا 163 ووٽ نڪتا، اهڙي طرح مخالف ڌر جون ??رم??مون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون.
قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا