اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته لُٽ مار ڪندڙن جو ٽولو چونڊيل وزيراعظ?? عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ متحد ٿي ويو آهي ته جيئن ماضي ۾ ??قت??ار جي دوران لُٽيل قومي دولت کي بچائي سگهجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جي پارليامينٽ ۾ موجودگي و??يراعظ?? عمران خان جي ٿورن سان آهي، ڇو ته هنن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو هو، هن چيو ته تقريبن 170 ملين ??اڻهن وزيراعظم کي ووٽ ڏنو هو ۽ سمورن اميدوارن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽڪيٽ جي ڪري ووٽ مليا آهن، پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبرن وزيراعظ?? عمران خان جي نالي تي ڪامياب ٿيا آهن اهي پهرين ??نهنجي سيٽن تان مستعفي ٿين ۽ نئين سري سان اليڪشن وڙهن. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ماڻهو جي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن ??هي ته هو ڪنهن ٻي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏي. مملڪتي و??ير چيو ته هن پنهنجي تڪ جي ماڻهن کان 125000 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا پر ووٽ وزيراعظ?? عمران خان کي ڏنا ويا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي آرٽيڪل 63 اي تي صدارتي ريفرنس جي تشريح ڪري ان معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي، جمهوريت جي تسلسل ۽ مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ هارس ٽريڊنگ جو رواج ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي تشريح ڪري، مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ڇانگامانگا طرز جي سياست کي ٻيهر متعارف ڪرايو آهي ۽ سنڌ هائوس چونڊيل ميمبرن جي وفادارين جو نيلام گهر بڻجي چڪو آهي، مخالف ڌر پاران سينيٽ اليڪشن دوران به هارس ٽريڊنگ ڪئي و??ي، هن چيو ته اهو وزيراعظ?? عمران خان هو جنهن پنهنجي پارٽي جي ايم پي ايز ي ڪي پي ڪي مان ڪڍيو، جنهن پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪيا، ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته وزيراعظ?? عمران خان مقبول ترين اڳواڻ آهي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي جلسن م ماڻهن کي آڻڻ لاءِ پٽوارين جي تعاون جي ضرورت نه هئي، هن چيو ته 27 مارچ تي ”عوامي ريلي پلس“ هوندي ۽ ان ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هوندي.
لُٽ مار ڪندڙ ٽولو چونڊيل وزيراعظم خلاف متحد ٿي ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد