اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي)موسمياتي تبديل??ءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ٻو?? متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، سرند??ءَ وارا ٻو?? متاثرن جي دل کولي مدد ڪن، سياست کان مٿاهون ٿي ٻو?? متاثرن جي مدد لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، ٻو?? جي پاڻ??ءَ مان وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي وزر سيد نويد قمر ۽ قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سينيٽر شيري رمان چيو ته ايتري شدت سان سانوڻي جون برساتون ڪڏهن ناهن پيون، غير معمولي برساتون ۽ ٻو?? موسمياتي تبديل??ءَ جو نتيجو آهن، ڪاربن نيڪال ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. پاڪستان گلوبل وارمنگ کان شديد متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. هن چيو ته 9 هفتن کان ٻو?? تباهي مچائي ڇڏي آهي، ملڪ جو اڌ حصو ٻو?? سبب متاثر آهي، هاڻوڪي ٻو?? جو مثال ماض??ءَ ۾ نٿو ملي، ٻو?? سبب مواصلات جو نظام پڻ متاثر ٿيو، ٻو?? جي پاڻ??ءَ سبب وبائي بيماري ڦهلجي رهي آهي، ٻو?? متاثر علائقن ۾ صحت جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته برساتون معمول کان ٽيڻ تي وڌيڪ ٿيون آهن، سياحن کي سياحتي هنڌن تي ڪچرا نه اڇلڻ گه??جي. گلوبل وارمنگ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي، جيڪي ملڪ ان جا ذميدار آهن انهن کي هن جي ذميداري کڻڻي پوندي. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تسليم ڪيو ته پاڪستان گلوبل وارمنگ کان متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مختلف ملڪن ۽ـ ادارن طرفان امداد جي فراهمي جاري آهي، ٻو?? جهڙي قدرتي آفت جا اثر پاڪستان تي مرتب ٿي رهيا آهن. بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي ۾ زراعت ۽ چوپائي مال کي شديد نقصان پهتو آهي. سنڌ ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، ٻو?? دوران دل ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته ??ڇر?? سبب موذي بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو آهي. سرند??ءَ وارا ماڻهو پنهنجو پنهنجو حصو وِجهن ۽ وزيراعظم رليف فنڊ سميت ٻين ادارن کي عطيو ڏين. پاڪستان عطيو ڏيندڙ وڏو ملڪ آهي، سڄي ملڪ ۾ امدادي ڪارروايون ڀرپور انداز ۾ جاري آهن، متاثرن جي بحال??ءَ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في خاندان کي 25 هزار رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سياسي اڳواڻن کي هڪٻئي تي تنقيد بجاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، سڄي دنيا يڪجهت??ءَ جو اظهار ڪري رهي آهي. شيري رحمان چيو ته عمران خان جي ميراٿون ۽ فنڊز گڏ ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، 1971ع کان پوءِ هن وقت ملڪ جي نازڪ صورتحال درپيش آهي، اسان ملڪي مفاد ۾ ڏُکيا فيصلا ڪيا. عمران خان آءِ ايم ا??ف سان ڊيل ۾ رڪاوٽون وڌيون. ان موقعي تي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته ٻو?? جي صورتحال سبب سنگين حالتون درپيش آهن، سنڌو درياهه ۾ پاڻ??ءَ جي چاڙهه کان وڌيڪ نقصان جو خطرو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ وڏو قدم کنيو ۽ دوست??ءَ جو هٿ وڌايو، اسان کي پاڪستان ۽ عوام لاءِ سوچڻ گه??جي. هن چيو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ا??ف سان اڳوڻي حڪومت جي معاهدي جو احترام ڪيو، عوامي ۽ قومي معاملن تي اسان کي گڏجي سوچ جو مظاهرو ڪرڻ گه??جي، اسان سڀ عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻ گه??جي. اقتدار خاطر ٻو?? ۾ ڦاٿل ماڻهن سان زيادتي نه ٿيڻ گه??جي. مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته ملڪي مفاد کي نقصان پهچائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، صوبن کي وفاق جي پاليسين تي عمل ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته اڳوڻي ناڻي واري وزير ملڪ جي خلاف سازش ڪئي، اسان ملڪ کي ڪنهن به طور تي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان کي گڏجي عوام کي درپيش مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ گه??جي.
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، سرنديءَ وارا ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪن: سينيٽر شيري رحمان جي وفاقي وزر سيد نويد قمر ۽ مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ