اسلام آباد – 11 – آڪ??وب?? (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فيملي و??زٽ ويزا جي توسيع جو مدو هڪ سال مان وڌائي 2 سال ڪرڻ ۽ ??وا??ائي جي موثر استعمال ۽ تحفظ جي قدمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي تياري جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??وا??ائي جي بچت جي حوالي سان عوام جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي، بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي روڪٿام لاءِ ايندڙ هفتي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي، ٿرڪول منصوبي سان ??وا??ائي جو درآمدي بل 24 ارب ڊالر تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا سوات ۾ اسڪول بس تي فائرنگ جي واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم ٿر جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿرڪول پراجيڪٽ جي ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، ماضي ۾ ان منصوبي جي حوالي سان غير ضروري دير ڪئي وئي جيڪا ڪنهن قومي الميي کان گهٽ نه آهي پر هاڻي اهو منصوبو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان پراجيڪٽ جي ڪري 24 بلين ڊالرز جي ??وا??ائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان حوالي سان ڪم ڪندڙ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ هفتي ان پراجيڪٽ جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس پڻ گهرايو ويندو. وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي لاهور رجسٽري جي لاءِ نابهه روڊ لاهور تي موجود 23 ڪينال زمين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ڀوٽان، مالديپ، نيپال، روانڊا، بيلاروس ۽ سلواڪيه کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته جيئن انهن ملڪن سان ڪاروباري لاڳاپن کي فروغ ڏئي سگهجي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي فيملي و??زٽ ويزا ۾ توسيع جو مدو هڪ سال مان وڌائي ٻه سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو وزارت جي سفارش تي و??اقي ڪابينا پرڏيهي وزارت کان تصديق ٿيل ٽريول/ عارضي دستاويزن تي 30 ڏينهن جو ناقابل توسيع فيملي و??زٽ ڪيٽيگري سنگل انٽري و??زا جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو وزارت جي سفارش تي و??اقي ڪابينا پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم ۾ درخواستگذار جي قيام جي جڳهه ۽ پتو، اسپانسر جي لازمي تفصيلن سميت ممڪنه انٽري پورٽ/ بارڊر/ ايئرپورٽ، جڳهه ۽ رابطي جي تفصيلن جي اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سي پيڪ منصوبن کانسواءِ نجي ماڻهن جي لاءِ به اهي تفصيل لازمي هوندا. بزنس ويزا جي صورت ۾ اسپانسر جي رابطي جا تفصيل لازمي ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم ??وا??ائي واري وزارت (پاور ڊويزن) پاران پيش ڪيل ??وا??ائي جي موثر استعمال ۽ بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان دفاع واري و??اقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب، ماحولياتي تبديلي واري و??اقي وزير سينيٽر شيري رحمان، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين شامل هوندا. اها ڪميٽي ان تجويز ڪيل پلان جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان ڊگهي مدي، وچولي مدي ۽ مختصر مدي واري حڪمت عملي جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته ??وا??ائي جي بچت جي حوالي سان عوامي آگاهي انتهائي ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ مناسب آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. وزيراعظم ??وا??ائي واري وزارت (پاور ڊويزن) کي هدايت ڪئي ته بجلي چوري، لائين لاسز ۽ ان جي تدارڪ جي حوالي سا?? ايندڙ هفتي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 30 سيپٽمبر 2022ع ۽ 10 آڪ??وب?? 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا پاران فيملي ويزٽ ويزا جي توسيع جو مدو هڪ سال مان وڌائي 2 سال ڪرڻ ۽ توانائي جي موثر استعمال ۽ تحفظ جي قدمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي تياري جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ