آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جو قازقستان جو ڪامياب دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قازقستان جي نائب وزيرا??ظم ۽ ناڻي واري وزير پرولان زامائو بايوف نور سلطان بازيف ايئرپورٽ آستانه تي وزيرا??ظم کي الوداع ڪيو. وزيرا??ظم 2 ڏينهن جي دوري دوران سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو جڏهن ته دوري جي موقعي تي وزيرا??ظم فلسطين جي صدر محمود عباس، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف، ويٽنام جي نائب صدر، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت