اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي ??ير??انوني قبضي جي خل??ف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ڪشميري عوام سان ??ڪج??تي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي جڏهن ته هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن وار?? مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن وار?? مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪشميري عوام 75 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خل??ف ورزين تان نظرون نه هٽائي.
ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي آفيس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب
مضمون کا ماخذ : loteria estadual