اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل ??لچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم تعاون جي سمورن ش??بن ۾ ڪينيا سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ارشد شريف جو معاملو اٿاريو. وزيراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل ??عاون تي ڪينيا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳاله?? تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شريف جي ڪيس کي تمام گه??ي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ?? مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم پاران ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب