اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي لاءِ هڪ مهيني تائين جاري ??هندڙ سرگرميون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجن جي توسط سان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو اسان جو تعارف آهي. هن چيو ته آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت جي تسلسل جو سهرو پاڪستاني عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن اهو به چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو پر هن ملڪ جي خاطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آزمائشون بي??ن ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين جمهوري ??ستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري ??جلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاپولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن سان پاڪستان جي عوام کي شديد پريشاني درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام تشدد کي سدائي?? رد ڪري ٿي، ڀلي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي يا ڪنهن نعري ??حت شروع ڪيو ويو هجي. پاڪستان جي عوام ۽ سياسي پارٽيون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿيون. هن چيو ته امن ا??ان جي تازي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ڪجهه غيرجمهوري ??نصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته آئين کي فوجي آمرن بنا ڪنهن پڇتاءُ جي لتاڙي ڇڏيو جنهن کي عوام جي جدوجهد سان شڪست ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري ??کندي.
آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن