اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي ??هي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي وي??ي حل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ڪميشن وزيراعظم کي بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگردن جي شڪايت?? ۽ ??نهن جي ازالي جي حوالي سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بلوچ شاگردن جي شڪايت?? ۽ ??نهن جي ازالي جي حوالي سان رپورٽ انتهائي ??امع آهي ۽ انتهائي ??يمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي وئي ??هي. وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه وفاقي ۽ صوبائي ??دارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته بلوچ شاگردن جا مسئلا ۽ شڪايتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بلوچ شاگرد پاڪستان جو اثاثو آه?? ۽ ??نهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي ??هي آهي. هن چيو ته بلوچستان جا سمورا مسئلا خاص طور تي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون ڌريون گڏجي وي??ي حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري ??ومي اتحاد ۽ ترقي يقيني بڻائي ??گهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي واڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ??ه بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته عورتن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪميشن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانو?? ۽ ??نصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. بلوچستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان ان ڪميشن جو قيام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.
بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری