اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيني صدر شي جن پ??گ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هل??ل پاڪستان جي اعزا?? سان نوازيو. چين جي نائب وزيراعظم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هل??ل پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيني نائب وزيراعظم کي هل??ل پاڪستان جو اعزاز ڏيڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان ۾ چيني ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ايوان صدر اچڻ تي چين جي نائب وزيراعظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.
صدر پاران چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي هلال پاڪستان عطا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر