اسلام ??باد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ انٽرميڊيئٽ (پارٽ ون ۽ ٽو) جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پارٽ ٽو ۾ ڪاميابي جي شرح 83.86 سيڪڙو ۽ پارٽ ون ۾ ڪاميابي جي شرح 61.82 سيڪڙو رهي. وفاقي تعليمي بورڊ طرفان نتيجا جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص مهمان هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نتيجن جو اعلان ڪيو. نتيجن موجب انٽرميڊيئٽ پارٽ ٽو ميڊيڪل گروپ ۾ ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حاصل ڪيون. پري ميڊيڪل ۾ پهرين پوزيشن پنجاب ڪاليج ايڇ اليون جي ايشل شاهه نور فاطمه 1075 ما??ڪو?? حاصل ڪري ماڻي، ٻي پوزيشن حانيه عثمان 1072 ما??ڪو?? ک??ي ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول همايون روڊ سان آهي جڏهن ته ٽين پوزيشن ردا ملڪ 1066 ما??ڪو?? حاصل ڪري ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ سان آهي. جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ پهريون ٻئي پوزيشنون آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ جي شاگردياڻين عشبا فاطمه 1969 ما??ڪو?? کڻي پهرين پوزيشن ۽ عائشه ظفر 1059 ما??ڪو?? کڻي ٻي پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آرمي پبلڪ اسڪول چڪلالا ڪينٽ جي ??وي?? احمد 1954 ما??ڪو?? کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
وفاقي تعليمي بورڊ پاران انٽرميڊيئٽ (پارٽ ون ۽ ٽو) جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان، نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص مهمان هو
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔