اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گر??ن وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ملڪ ۾ معاشي استحڪام لازمي آهي، پاڪستان جي مُعاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي و??لا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ چونڊن سميت ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ت?? خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري ??گر??ن وفاقي و??ير چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذ??يواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، ??گر??ن حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو پورو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ??گر??ن وفاقي و??ير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام انتهائي ضروري آهي، پاڪستان جي معاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي و??لا ان اميد جو اظهار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن واعدي موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائيندي.
هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ