اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان بلغاريه ۾ پاڪستان جي نامزد سفير مدثر چوڌري ملاقات ڪئي. صدر جو پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ سياسي ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان بلغاريه سان لاڳاپن کي قدر جي ??گا??ه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بلغاريه سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته نئون نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي چيمبرز ۽ ڪامرس جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ تي ڪم ڪندو. صدر فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا سان تعليمي شعبي ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ، پاڪستان ۽ بلغاريه جي يونيورسٽين جي وچ ۾ حصيداري ج?? عمل کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر عارف ??لوي مدثر چوڌري کي بلغاريه ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر سان بلغاريه ۾ پاڪستان جي نامزد سفير مدثر چوڌري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے