اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪس??ان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم کي ڪامياب خلائي سفر تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نميره سليم پاڪس??ان جي عوام جو فخر آهي، هو نه رڳو اسان جي نوجوانن، بزرگن پر عورتن جي لاءِ مشعل راهه آهي، اهي والدين قابل فخر آهن جي??ي پنهنجي ٻارڙين جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. پاڪس??ان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته حڪومت نميره سليم جي ان مشن جي حمايت ڪئي. هن چيو ته نميره سليم خلا ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي ڪندي پاڪسان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو جي??و پاڪس??ان جي عوام جي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته نميره سليم اسان جي ٻارڙين جي لاءِ روشن مثال آهي. اهي والدين قابل فخر آهن جي??ي پنهنجي ٻارڙين جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. مون کي اميد آهي ته سمورا والدين پنهنجي ٻارڙين جي اهڙي طرح حوصلا افزائي جاري رکندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ورجن گليڪٽڪ جا پڻ ٿورا مڃيا جنهن نميره سليم جي خلائي اڏام کي ممڪن بڻايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪس??ان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مون کي 2006ع ۾ پاڪس??ان جي پهرين خلاباز عورت جي طور تي ملڪ آڏو متعارف ڪرايو جنهن تي آئون اطلاعات واري وزارت جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته مون 17 سالن تائين اهو رڪارڊ قائم رکيو. هن چيو ته منهنجو ٻاروتڻ کان خواب هو ته آئون خلا جو سفر ڪريان ۽ مون کي منهنجي ملڪ ان سفر ۾ تمام گهڻو سپورٽ ڪيو. هن چيو ته آئون خلائي سفر تي پاڪس??ان جو جهنڊو گڏ کڻي ويس. نميره سليم اسپيس ڊپلوميسي کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسپيس ٽوئرازم جي لاءِ پاڪس??ان ۾ پرائيويٽ انٽرپرائيز کي ترغيب ڏيڻ ??هر??ي. هن چيو ته ڪمرشلائيزيشن کانپوءِ خلائي سفر جي لاڳت ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ خواهشمند پاڪستاني خلاباز ويجهي مستقبل ۾ اسپيس ٽوئرازم جي خواب کي پورو ڪري سگهندا. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ سيٽلائيٽ ۽ خلائي جهاز ٺاهڻ جي لاڳت ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ٿي سگهي ٿي ان جي لاءِ ان شعبي جي حوصلا افزائي ڪرڻ ??هر??ي. هن چيو ته هاڻي سڄي دنيا ۾ اسپيس انڊسٽري جي اندر تعاون وڌي رهيو آهي ۽ پاڪس??ان جي نجي ڪاروباري ماڻهن کي ان شعبي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ ??هر??ي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ خلائي نصاب متعارف ڪرائڻ جي ضرورلت آهي ته جيئن نئون نسل ان شعبي پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهي. نميره سليم چيو ته اسپيس ٽيڪنالاجي جي ذريعي اسان ڊيزاسٽرز کي به منهن ڏئي سگهون ٿا. گڏيل عرب امارات ۾ ڪلائميٽ سمٽ ٿيڻ واري آهي اتي به اسپيس ٽيڪنالاجيز بحث هيٺ ايندي. نميره سليم چيو ته اسان کي اسپيس ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ ??هر??ي، ان ڏس ۾ فلمون به تيار ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته منهنجو پيغام آهي ته دنيا ۾ امن قائم ٿئي. پاڪس??ان حڪومت ۽ پنهنجي والدين جي ٿورائتي آهيان جو انهن مون کي ان خلائي سفر ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو. واضح رهي ته نميره سليم دنيا جي پهرين پرائيويٽ اسپيس لائين رچرڊ برانسن جي ورجن گليڪٽڪ جي باني خلاباز بڻجندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن 2006ع ۾ ٻه لک ڊالر ۾ خلا ۾ وڃڻ جي لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪئي. هو ٽڪيٽ خريد ڪندڙ 800 صارفين مان پهرين عورت هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 2006ع ۾ ”پاڪس??ان جي پهرين خلاباز عورت“ جي طور تي نميره سليم کي قوم آڏو پيش ڪيو. ورجن گليڪٽڪ جي پهرين عورت خلاباز آهي جي??ا نيو ميڪسيڪو آمريڪا ۾ اسپيس پورٽ ??ان 6 آڪٽوبر 2023ع تي ورجن گليڪٽڪ جي گليڪٽڪ 4 مشن جي ذريعي خلائي سفر تي رواني ٿي. نميره سليم کي ان جي اڏام کان اڳ چار ڏينهن تائين اسپيس پورٽ آمريڪا ۾ تربيت ڏني وئي. پنهنجي خلائي سفر دوران نميره سليم خلا کان زمين جو نظارو ڪيو. هو ٽن منٽن تائين زيرو گريويٽي ۾ رهي ۽ پاڻ سان گڏ قومي جهنڊو خلا ۾ ڦڙڪايو. نميره سليم 16 نومبر تي پاڪس??ان واپس آئي ۽ صدر کي خلا ۾ ڦڙڪايل قومي جهنڊو پيش ڪيو.
نميره سليم پاڪستان جي عوام جو فخر آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania