دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يڌ??لينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??يڌ??لينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ن??ران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي ??يڌ??لينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ??ين??ڙ ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي اها ٻي ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ??ين??ڙ انساني حقن جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ??ين??ڙ تقريبن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ??يڌ??لينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن جي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يڌ??لينڊ جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار