اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي خوش آئنده قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ان قرارداد تي عملدرآمد ضرور?? آهي، عملدرآمد کانسواءِ اها قرارداد بي مقصد هوندي، پاڪستان آزاد رياست جي پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿاريندو رهندو. هو وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪندڙن جي لاءِ ايڪسي لينس ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ??ه عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، ان قرارداد تي عملدرآمد ضروري اهي، ان کانسواءِ ان قرارداد جو ڪو ڪو مقصد نه هوندو. هن چيو ??ه غزه ۾ معصوم فلسطينين تي جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي مستقل ط??ر تي بند ٿيڻ گهرجي. غزه ۾ ڇهن مهينن ۾ عورتن ٻارن سميت هزارين فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو ۽ موجوده دور جي بدترين ڏاڍ ۽ تباهي جو مظاهرو ڪيو ويو ??نهن تي هر اک ر??ئڻهارڪي ??هي. وزيراعظم چيو ??ه دنيا جي مهذب ملڪن ان ڏاڍ ۽ بدترين فسطائي حربن جي ڀرپور مذمت ڪئي ??هي. تازي عرصي ۾ اهڙي طرح جا دل ڏکوئيندڙ واقعا ڏسڻ لاءِ نه مليا. هن چيو ??ه ان ڏاڍ ۾ جهڙي طرح ٻار شهيد ٿيا ان جو مثال نٿو ملي. هن چيو ??ه پاڪستان سموري اسلامي دنيا ۽ ٻين ملڪن سان پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي آزاد رياست جي بنيادي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت ۾ پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو ??هي ۽ اٿاريندو رهندو.
وزيراعظم پاران غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد خوش آئنده قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات