اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿ?? گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي بطور ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا جاري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي چيئرمين پل??نن?? ڪميشن جهانزيب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي ??فا??ش ڪئي. وزيراعظم ڪميٽي کي وڌيڪ ??فا??شون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ??حد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پل??نن?? ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی