اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ن??ڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عوام دوست بجيٽ 25 – 2024ع جي منظوري تي پذيرائي ڪئي آهي. وزيراعظم سان ن??ڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ن??ڻي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت، ايف بي آر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي بجيٽ جي تياري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ حڪومت، اتحادي ميمبرن ۽ مخالف ڌر سڀني ڀر??ور حصو ورتو، اميد ڪريون ٿا ته بجيٽ 25 – 2024ع پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته پوري ڪوشش ڪئي ته موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيون، بجيٽ ۾ پ??هاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدورن کي ريليف ڏنو، بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اشرافيه ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس ۾ آڻينداسين، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شر??ع آهي، الحمدالله پاڪستان جي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II