اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي 29 ۽ 30 آگسٽ تي ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هي?? اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽ??ي امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهش??گر??ي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽ??ي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم ??نص??ن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania