اسلام آباد – 28 – ??گسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري س??ڌ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي واري روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، جديد ڪرڪيٽ اس??يڊ??يز جي تياري جي لاءِ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري س??ڌ پريميئر ليگ (ايس پي ايل) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري س??ڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي، تربيتي س??ولتون بهتر بڻائڻ ۽ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽيلينٽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ پريميئر ليگ سنڌ جو ڪرڪيٽ ٽيلينٽ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي. هن چيو ته راندين ۽ ڪرڪيٽ ليگز منعقد ڪرڻ سان راندين جي س??احت، معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وفد صدر کي س??ڌ جي ڪرڪيٽ ٽيلينٽ کي فروغ ڏيڻ، ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ ۾ ليگ جي ڪردار بابت ٻڌايو. وفد سنڌ پريميئر ليگ جي افتتاحي س??زن جي ڪاميابين بابت ٻڌايو ته نوجوان ٽيلينٽ جي تربيت جي لاءِ ڪراچي ۾ هڪ هاءِ پرفارمنس سينٽر قائم ڪيو ويندو. وفد صدر کي س??ڌ پريميئر ليگ کي درپيش مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وفد کي س??ڌ ۾ ڪرڪيٽ جي حوصلا افزائي، فروغ جي لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي س??ڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ م??د جي لاءِ چوندس. بعد ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي وفد صدر کي ايس پي ايل جي شرٽ پڻ پيش ڪئي.
صدر پاران سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي وارو روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور، سنڌ جي نوجوانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق