اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار سيرت النبي جي روشني ۾ پاڪستان جي ??عل??مي نظام جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??عل??مي نظام ڪردارسازي، فني ترقي، روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۽ صلاحيتن کي نکارڻ تي ڌيان ڏيڻ واري گهڻ رخي موقف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي و??ري و??ارت جي اهتمام هيٺ منعقد ان ڪانفرنس جو موضوع ”رياستي ??عل??مي نظام، رسول الله ﷺ جي ??عل??م جي روشني ۾“ چونڊيو ويو هو، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين، مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ذوالفقار حيدر کانسواءِ مختلف مڪتبه فڪر سان ??عل?? رکندڙ عالم سڳورن، سفارتڪارن، منصفين ۽ محققن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??عل??م جو مقصد رڳو مادي ڪاميابي نه آهي پر روحاني و??ڌويجهه ۽ صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ معاشري جي ڀلائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ??عل??م جي نظام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. ??عل??مي ادارا ته موجود آهن پر تربيت جي کوٽ آهي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته ??عل??مي نظام جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ان کي سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ جوڙيو وڃي ته جيئن اسان جون نسلون نه رڳو علم حاصل ڪري سگهن پر انهن جي تربيت به اسلامي اصولن موجب ٿئي. هن مذهبي معاملن واري وفاقي و??ير کي تجويز ڏني ته هو اسلامي ??عل??م جي روشني ۾ ۽ عالم سڳورن جي تجويزن کي شامل ڪري ??عل??م واري و??ارت سان گڏجي ان جو جائزو وٺي ۽ ضروري سڌارا ڪري. اسلام ۾ ??عل??م جي اهميت تي روشني و??هندي هن پهرين نازل ٿيندڙ قرآني آيت ”پڙهو پنهنجي رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو“ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي ڪيترين ئي حديثن جو حوالو ڏنو. هن چيو ته ??عل??م ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. علم انسان کي سٺي ۽ خراب ۾ تميز ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. هن چيو ته اسلام هر مسلمان تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ رياست وسيلا فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي. هن چيو ته ??عل??م جي ذريعي انسان پنهنجي خدا طرفان ڏنل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ٿو ۽ معاشري جي و??ڌويجهه ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اسان جا ??عل??مي ادارا نه رڳو دنياوي علم ۾ وڌن پر انهن ۾ اسلامي اخلاقيات ۽ روحانيت جو پڻ اهم ڪردار هجي. اسحاق ڊار سوشل ميڊيا ۽ ٻيا جديد مواصلاتي ذريعا متعارف ٿيڻ کانپوءِ معاشري خاص طور تي نوجوان نسل جي اخلاق تي ان جي منفي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته عالم سڳورن، ??عل??مي ماهرن ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نوجوان نسل جي اخلاق کي سنوارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته سماجي انصاف اسلامي ??عل??مي نظام جو هڪ اهم جز آهي، ان لاءِ اسان جي ??عل??مي نظام کي انهن قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ شاگردن کي مستقبل جا اڳواڻ بڻجڻ جي لاءِ پرواه چاڙهڻ گهرجي. محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ مذهبي ۽ موجوده ??عل??مي نظام جي وچ ۾ ورڇ تي پڻ روشني و??هندي چيو ته اسان هڪ متحد ۽ ٺوس ??عل??مي نظام تحت دين ۽ دنيا ٻنهي علمن جي بهتر ??عل??م ڏئي سگهون ٿا. هن پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائڻ جي ڪوششن تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ جديد فني ??عل??م سان ان فرق کي پورو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه ۽ ??عل??م تي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪتابن جي بهترين ليکڪن سان گڏوگڏ حمد ۽ نعت ۽ ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان مقالن تي انعام پڻ ورهايا.
سيرت النبي جي روشني ۾ پاڪستان جي تعليمي نظام جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر