اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
??نه?? اڳواڻن وچ ۾ خير سگالي جون ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي ??زيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو. واضح رهي ته شر??ڪ ملڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ شر??ع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن جي آجيان لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ??يمبر ملڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.