اسلام آباد-10 ج??ور?? (اي پي پي) وفاقي گه??و وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گه??و وزير، مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ مولانا فضل الرحمان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گه??و وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪجهه ڌُريون ڄاڻي ??اڻي ڪرم معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻ?? ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان پُراڻي ??يازمندي آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جو هاڪاري ڪردار تعريف جوڳو آهي.
گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کڑک