جنيوا – 08 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن ۽ ٻين بين الاقوامي تنظيم?? غزه ۾ ڇهن مهينن کان جاري جنگ کي تباهه ڪندڙ قرار ڏيندي ان ۾ ٿيل جاني نقصان جي مذمت ڪئي آهي. اي ايف پي مطابق انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽيز (آءِ ايف آڙ سي) چيو جنگ ۾ انسانيت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊ??لي?? ايچ او) جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريئس هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد جي وحشياڻي عمل جي مذمت ڪندي باقي يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن زور ڏئي چيو اهو ظلم اسرائيل طرفا?? غزه ۾ جاري خوفناڪ بمباري، گهيراءُ ۽ صحت جي نظام جي تباهي، امدادي ڪارڪنن سميت لکين شهرين جي موت، زخمي ۽ بک سان مرڻ جو جواز پيش نٿو ڪري. هن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته بنيادي ضرورتن خوراڪ، ٻارڻ، صفائي، پناهگاهون، سيڪيورٽي ۽ صحت جي سار سنڀال کان انڪار غير انساني ۽ ناقابل برداشت آهي. ڊ??لي?? ايچ او مطابق غزه جي 36 اهم اسپتالن مان رڳو 10 جزوي طور تي ڪم ڪري رهيون آهن.
غزه جي جنگ ۾ انسانيت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي: ريڊ ڪراس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر