بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي فيٽ ڊانگ لائي نالي سپر مارڪيٽ پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏي??هن جون اداسي جون موڪلون (سيڊ ليوز) متعارف ڪرايون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني جا ملازم جيڪڏهن اداس آهن ۽ ا??هن جي ڪم تي اچڻ ل??ءِ دل نٿو چوي ته اهي سال ۾ 10 موڪلون ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته ا??هن موڪلن کي مئنيجر پڻ رد نٿا ڪري سگهن. واضح رهي ته 1995ع ۾ ڄاڻايل نالي سان پهريون اسٽور شروع ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ يوڊونگ لائي چيو آهي ته هر شخص جي زندگي ۾ اهڙو ڏي??هن ايندو آهي جڏهن هو اداسي واري ڪيفيت مان گذرندو آهي، اها انساني فطرت آهي. هن چيو ته جڏهن ملازم اداس هجن ته موڪل ڪري سگهن ٿا. موڪل ڪرڻ سان خوشي ??حس??س ڪري سگهندا. اهڙي طريقي سان ڪمپني ا??هن جي اداسي ختم ڪرڻ ل??ءِ سهڪار ڪندي. ڪمپني جا ملازم اڳ ئي سال ۾ 40 موڪلون ڪندا آهن جڏهن ته ان کان سواءِ نئين سال جي جشن دوران 5 ڏي??هن ڪمپني جا اسٽور بند رهندا آهن.
چين جي فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون متعارف ڪرايون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا