ڪويت سٽي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جي پاڙيسري ملڪن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حملي لاءِ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدون استعما?? ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي په??ين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ايران جي ميزائل حمل?? جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسان جي سمورن پاڙيسري ملڪن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعما?? ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن چيو ته اسان خطي ۾ آمريڪي اڏن جي چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سموري چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ايران تي حملو ڪري ٿو ته ايران ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته ايٽمي هنڌن تي حملو ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ايٽمي هنڌن تي حمل?? جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالمي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ اسان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ اسان انهن تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria