اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) تي بهتر انداز سان عملدرآمد جي لاءِ سسٽين ايبل ڊ??لپ??ينٽ گولز سيڪريٽريٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ آدمشماري کي ايجنڊا تي رکڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف کي چٺي موڪليندو، ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ تمام جلد پارليامينٽري پا??ول??شن ڪانفرنس جو انعقاد ڪندو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز ۾ پارلياما??ي رپورٽرز ايسوسيئيشن جي لاءِ پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) تي ٻن ڏينهن جي گول ميز ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سطح تي 2015ع ۾ 189 ملڪن طرفان 17 نڪاتي ايس ڊي جيز تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن جي پارليامينٽ جي اندر ايس ڊي ج??ز جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو آهي.
جلد پارليامينٽري پاپوليشن ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ