اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان افغان مسئلي جي پرامن حل لاءِ هن خطي جي ڪنهن به ٻئي مل?? جي ڀ??ٽ ۾ وڌيڪ پرعزم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ عدم استحڪام جي بنياد تي وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي، افغانستان جي مسئلي جو حل افغان قيادت ۾ افغان عوام جي حمايت تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي ميڊيا ادارن جي نمائندن کي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم ان عزم کي ورجاي?? ته پاڪستان آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن لاءِ تيار آهي ڇ?? ته ٻنهي مل??ن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ انهن کي رڳو افغانستان مسئلي جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، دهشتگردي جو مسئلو بن?? شڪ جي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي ۽ ان جي حل لاءِ هن تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، اسان ان کي شڪست ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری