اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان چيو آهي ته پهرين مرحلي ?? پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، اسان گڏيل ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي علائقائي ۽ خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ولي عهد بڻجڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون دورو مون پاڪستان جو ڪيو آهي، يقين آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان اهم ملڪ بڻجي اڀرندو ۽ اسان کي گڏجي ??هڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم هائوس ۾ سندس مان ۾ ڏ??ل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان ڀائر ۽ دوست ملڪ آهن جيڪي مشڪل حالتن ۾ سدائين گڏ رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ